سنان بن سلامه

سنان بن سلامه: عبدالله بن سوار جي وفات کانپوءِ عراق جي گورنر زياد بن ابيه جي راءِ تي معاويه، بن سلامه'>سنان بن سلامه کي سنڌ تي گورنر ڪري موڪليو، جنهن 42هه/662ع ۾ ه عرب فوج سان اچي مڪران تي حملو ڪيو ۽ اهو فتح ڪيائين. بن سلامه'>سنان بن سلامه خليفي ڏانهن لکي موڪيلو ته سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ هي مضبوط مرڪز آهي ۽ مڪران ۾ نهايت عمدو انتظام ڪيو. ڪجھه وقت کانپوءِ زياد، بن سلامه'>سنان بن سلامه کي برطرف ڪري سندس جاءِ تي راشد بن عمرو کي گورنر مقرر ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنائين ته قيقان تي حملو ڪري، سنڌ جي سرحدن کي پختو ڪر. راشد مڪران پهچڻ شرط قيقان تي حملو ڪري اتان گھڻو مالِ غنيمت هٿ ڪيو ۽ ان کانپوءِ سيستان تي حملو ڪيائين، پر مقامي ميرن مقابلو ڪري کيس شڪست ڏني. انهيءَ حملي ۾ راشد ميرن هٿان مارجي ويو، راشد جي موت کانپوءِ بن سلامه'>سنان بن سلامه کي ٻيهر مڪران جو گورنر مقرر ڪيو ويو. سنان پڻ ’ٻڌيه‘ (ڀاڳناڙي) واري علائقي ۾ جتن ۽ ميرن سان وڙهندي مارجي ويو.


لفظ سنان بن سلامهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو